پير محمد پيرل ميمڻ

پير محمد ’پيرل‘ ميمڻ: پير محمد عرف پير بخش عام طرح ’پيرل فقير‘ جي نالي سان مشهور هو. سندس والد جو نالو محمد سلطان ميمڻ هو. پيرل فقيـر 1870ع ۾ ڳـوٺ ويجي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو. هو پنهنجي وقت جو سٺو شاعر ۽ سگهڙ هو. سنڌي پرائمري تعليم سان گڏ قاضي محمد عالم قريشيءَ جي صحبت ۾ رهي عربيءَ ۽ فارسيءَ کان به واقف ٿيو. پيرل فقير جو ڪلام اثر انگيز ۽ دل آويز آهي. جنهن ۾ سادگي، نفاست ۽ رواني آهي، جنهن ۾ هن معاشرتي براين ۽ بڇڙاين تي ناقدانه نظر وڌي آهي. سندس ڪلام اخلاقي ۽ اصلاحي آهي. سندس ڪافيون، ڪلام، غزل، گيت، سهرا ۽ ٽيهه اکريون رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’من اندر جي لوچ‘ سندس وفات کان پوءِ ڇپيو. پيرل فقير 1937ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

18870.00.00  عيسوي

پير محمد 1870ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو


1937.00.00  عيسوي

پير محمد 1937ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چوئٿرام گدواڻي ڊاڪٽر
شير خواجه
امير ابڙو
سندري اتمچنداڻي
ٽوبن جيمز
دلشاد
شان اداڪار
رحمان ملڪ
صلاح الدين ايوبي
سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون